آخري گهڙيون عظيم انسانن جي زندگيءَ جون

آخري گھڙيون عظيم انسانن جي زندگيءَ جون (ڪتاب ):هي ڪتاب اصل ۾ برصغير جي نامور عالم مولانا ابوالڪلام آزاد جي تحرير آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس، پروفيسر عبدالرحمٰن جتوئي ۽ ڊاڪٽر گلزار احمد سومري عبدويءَ ڍڪايو آهي ۽ ’موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو‘ طرفان 2003ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ حضور انور صلي الله عليه وآلھ وسلم جن سميت 13 خاص مقرب بندن جي زندگيءَ جي آخري گھڙين جو احوال قلمبند ڪيو ويو آهي، ان ۾ هيٺيان عنوان شامل آهن.
(1) رحلت نبويصه، (2) وفات حضرت ابوبڪر صديقرضه، (3) شهادت حضرت عمر فاروقرضه، (4) شهادت حضرت عثمان غنيرضه، (5) شهادت حضرت علي المرتضيٰرضه، (6) شهادت حضرت حسينعه، (7) حضرت عمرو بن العاصرضه، (8) حـجـاج بـن يـوسـف، (9) حضرت امير معاويه بن ابوسفيانرضه، (10) حـضـرت حـبـيـب بـن عـديرضه، (11) حـضـرت عـبـدالله ذوالبجادينرضه- (12) حضرت عبدالله بن زبيررضه. (13) حضرت عمر بن عبدالعزيزرضه. ڪتاب جو ترجمو نهايت آسان ۽ با محاورا آهي. 221 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي جلد ڊسٽ ڪور سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو